Nazir Memon.

Nazir Memon. vlogger, travelling, and much more VLOGGING, FOODS, TRAVELLING, PLANTING AND MUCH MORE
(6)

06/11/2024

راڳي استاد گلشير چانڊيو سان ملاقات ، ۽ ڳائڻ وڄائڻ

04/11/2024

يوپي آچر بازار 2024 جي نئين اپڊيٽ ، يوپي بازار ۾ ڪٻاڙ جو مال جام ايندو آھي ، رش تمام گھڻي ھوندي آھي ، ڪٻاڙ جو جيڪو به خريد ڪيو اکيون کولي ڪري خريد ڪيو ،
#نظيرميمڻ #سنڌي #ولوگر #يوپي #آچربازار #ڪراچي

ڪراچي ۾ لڳندڙ يوپي بازار جنھن ۾ اڌ کان وڌيڪ ڪٻاڙ جو سامان ايندو آھي ، ۽ جيڪو نئون سامان ھوندو آھي ، ان جا ريٽ به مناسب ھ...
04/11/2024

ڪراچي ۾ لڳندڙ يوپي بازار جنھن ۾ اڌ کان وڌيڪ ڪٻاڙ جو سامان ايندو آھي ، ۽ جيڪو نئون سامان ھوندو آھي ، ان جا ريٽ به مناسب ھوندا آھن ، مان اڪثر ھن بازار جو چڪر لڳائيندو رهندو آهيان ، ڀلي مونکي ڪجھ وٺڻو به نه ھجي ته به واندڪائي ۾ ٽائم ملندو آھي ته نڪري ويندو آھيان ،
ھي بازار تمام وڏي بازار آھي ، ھن بازار ۾ اوھان کي ھر طرح جو سامان چاھي اھو نئون ھجي يا پراڻو ملي ويندو ، ھن آچر بازار ۾ ڪٻاڙ جو سامان اوھان کي چيڪ ڪري کڻڻو پوندو ،
ھن بازار جي چوڌاري گھر آھن ، ھتي جا رھواسي پنھنجن گھرن جو يوز ٿيل سامان جيڪو استعمال ناھن ڪندا اُھو به وڪري لاء ٻاھر بازار ۾ کڻي کپائيندا آھن ، صبح جو 9 وڳي کان ماڻھو اچن شروع ٿيندا آھن رات تائين رش گھٽبي ناھي ، جنھن اندازو اوھان تصويرن کي ڏسي لڳائي سگھو ٿا ، ھن بازار ۾ کائڻ پيئڻ جا ننڍا ننڍا اسٽال لڳندا آھن ، شربت ، جوس ، ڇولا چاٽ ، برياني ، ڪليجي ماني ، وغيره ،ھن بازار ۾ مونکي ڪٿي ڪو سنڌي ماڻھو جو اسٽال نظر نه آيو ، ۽ مون ھميشه سنڌي نوجوانن جي ترجماني ڪئي آھي ۽ ڪندو رھندس ، ھي معلومات ان ڪري ڏئي رھيو آھيان ته ڪراچي ۾ ڪاروبار ڪرڻ تمام سولو آھي ، خريدار کي اوھان جي رنگ نسل ، ذات پات ، قوم سان ڪو واسطو ناھي ھوندو ، خريدار کي پنھنجي ضرورت جي شئي کپندي آھي جيڪا اھو وٺي ويندو آھي ، ھي ڪٻاڙ ۽ لنڊي جو مال ڪراچي مان ئي ايندو آھي ، جيڪو تور ۽ بنڊلن جي حساب سان ملندو آھي ، ھن وقت ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته ھر شئي معلوم ڪرڻ سان ٿيندي ، پر افسوس جو نوجوان گھر ويٺي فون ڪري ھر شئي معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھن ، ھٿ پير ناھن ھلڻدا ، ته وڃين ڪجھ معلومات وٺجي جنھن ڪجھ فائدو ملي سگھي ،
مان ھميشه نوجوانن کي رستو ٻڌايو آھي ، جنھن تي ھنن کي پاڻ وڃڻو پوندو , رستو آسان آھي پر الائي ڇو ھن رستي تي تمام گھٽ نوجوانن کي ھلندي ڏٺو آھي ، ڪاميابي ۽ ترقي پنھنجي ڪاروبار ڪرڻ ۾ آھي ، بغير ڪنھن جي سھاري ۽ بغير ڪنھن تي تنقيد ڪرڻ جي جڏھن اوھان ان رستي تي نڪري پوندئو ته يقين پڇو ڪاميابي ڪو مسئلو ئي ناھي ، ڪاميابي ڪا وڏي بلا ناھي جيڪا اوھان پنھنجي قابو ۾ نه ڪري سگھو ، ڪاميابي محنت ڪندڙ ماڻھو جي پيرن ھيٺان ھوندي آھي ، جنھن کي آرام سان ھيٺ نوڙي ڪري کڻي سگھجي ٿو ، اھا نوڙت وڏي ڪم جي شئي آھي جنھن سان ھر ماڻھو کي پنھنجو ڪري سگھجي ٿو ، ۽ جڏھن ماڻھو اوھان جو ٿي ويندو ته يقين ڪيو اوھان ان وقت ڪامياب ٿي ويندا ، منھنجون ڪوششون جاري آھن ، ويڊيو ۽ پوسٽن وسيلي اوھان کي موٽيويٽ ڪندو رھندس ، رستو ٻڌائيندو رھندس پر ان رستي تي ھلڻ اوھان جو ڪم آھي ، .....

#نظيرميمڻ #سنڌي #ولوگر #سبزي #فروش #ملير #ڪراچي

03/11/2024

منڇر ڍنڍ جو سفر ، ڍنڍ جي ٻيٽ ۾ رھندڙ ڳوٺاڻن سان ڳالھ ٻولھ

01/11/2024

گلشن فلڪ ناز "J" جي بلاڪ ۾ 400 ، 200 ۽ 120 جا رھائشي ڪمرشل پلاٽ وڪري جي لاء موجود آھن ،
گلشن فلڪ ناز نيشنل ھائي وي مين روڊ تي موجود آھي ، ھڪ دفعو ھن سوسائٽي جو ضرور وزٽ ڪيو ...

وڌيڪ تفسيل جي لاء ھيٺ ڏنل نمبرن تي رابطو ڪري سگھجي ٿو ،

0313,2771980
0308,2002050

31/10/2024

دادو کان جوھي ، واھي پانڌي کان گورک ھل اسٽيشن جو سفر موٽر سائيڪل تي ....

#نظيرميمڻ #سنڌي #ولوگر #گورک #ھل #اسٽيشن #دادو #جوھي #واھي #پانڌي

29/10/2024

مختلف ڪاليجن ، اسڪولن جي ٻاھران بيٺل اھي نوجوان جيڪي نياڻن جي لاء بيھندا آھن ، انھن کي خراب نظرون وجھڻ جي لاء اسڪولن جي روڊ رستي تي بيھندا آھن انھن جي لاء خاص ۽ ضروري پيغام ...
نياڻن کي رستو ڏيو ته ھو تعليم حاصل ڪري سگھن ، نياڻي جي رستا روڪ نه ڪيو ، ھر ماڻھو پنھنجي نياڻن وارو آھي ، اڄ اوھان ڪنھن جي نياڻيءَ کي خراب نظرن سان ڏسندو ، خدا ما خدانخواستہ سڀاڻي اوھان جي نياڻيءَ کي خراب نظرن سان ڏٺو ويندو ....

#نظيرميمڻ #موٽيويشنل #اسپيڪر #ڪالج #اسڪول

ڪتابعورتن جي جاڳرتا جي تاريخ چونڊ #نظيرميمڻ غربت ۽ تعليم ۾ ڳانڍاپو ...اُھي قومون جن جا شھري سٺا تعليم يافتہ ھجن ، انھن ک...
29/10/2024

ڪتاب
عورتن جي جاڳرتا جي تاريخ
چونڊ
#نظيرميمڻ

غربت ۽ تعليم ۾ ڳانڍاپو ...

اُھي قومون جن جا شھري سٺا تعليم يافتہ ھجن ، انھن کي روزگار ملڻ جا گھڻا امڪان ھوندا آھن ، اھڙيون قومون معاشي طور ججھي پيداوار حاصل ڪن ٿيون ، ۽ ان کانسواء اھي گھڻو ناڻو پڻ ڪمائين ٿيون ، جيتوڻيڪ اسرندڙ قومن ۾ سماجي تحريڪ ٽين دنيا جي قومن جي ڀيٽ ۾ مختلف ھوندو آھي ، تعليم عام طور محروم گروھن جي حق ۾ نوڪرين جي توقعات کي بھتر ڪري ٿي ، جيتوڻيڪ انھن ماڻھن کي مٿي اڀارڻ وارو تحرڪ انھن گروھن لاء ڪافي ڏکيو آھي ، جيڪي سماجي طور پٺتي پيل آھن ، جھڙوڪ عورتون لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻھو ، پناھگير يا لساني اقليتون اھڙن گروھن ۾ تعليم غربت کي گھٽائي ٿي ، تعليم جا فائدا ، موروثي متڀيد سبب محروم گروھن لاء گھٽ وڌ ٿي سگھن ٿا ، بنسبت سماج جي نا محروم طبقي جي معاشي ترقيءَ جو تعليم سان لاڳاپو مڃيل حقيقت آھي ، تعليم تڏھن مالي وڌاري ۽ غريب قومن جي ترقيء جو سبب بڻجي ٿي جڏھن تعليم جي معيار ۽ مقدار کي ڳڻپ ۾ آندو وڃي ، اُھا ماڻھن لاءِ واڌو آمدنيء جا ذريعا پيدا ڪري ٿي ، اعلا آمدني کانسواء تعليم مان ڪيترائي فائدا وٺي سگھجن ٿا ، خاص طور ڇوڪرين جي تعليم مان ،
مثال طور ڪيترن ئي محققن اھو ثابت ڪيو آھي ، ته پاڪستان ۾ ٿڃ پياڪ ۽ ٻين ٻارڙن جي موت جي شرح انھن ٻارڙن جي ڀيٽ ۾ گھٽ آھي ، جن جون مائرون پڙھيل ڳڙھيل آھن ،
جيتوڻيڪ اھي تبديليون سڌي ريت غربت سان لاڳاپيل نه آھن ،
عام طور سماج تي آمدنيء جو اثر ڊگھي عرصي تائين برقرار رھي ٿو ۽ اھي گھڻو ڪري تڏھن وڌيڪ اثر ڇڏين ٿيون ، جڏھن عورتن جي خواندگيء جي شرح ۾ واڌ ٿئي ٿي ، ان ۾ ڪو شڪ ڪونھي ته سنڌ ۾ تعليم ۽ غربت جي وچ ۾ اڻ ٺھڪندڙ ڳانڍاپو نه وسارڻ کپي ته غربت تعليم قابليت کي گھٽائي ٿي ،،

#نظيرميمڻ #بوڪ #پوسٽ #عورتن #جي #جاگرتا #جي #تاريخ

27/10/2024

زندگي بھترين گذرندي ، بس اوھان وقت کي مینج ڪرڻ سکو ،منھنجي سوسائٽي ، منھنجا خاص دوست

سنڌ جي اچڻ واري نئين مستقبل سان گڏ حسنين ٻپڙ ڪبير ميمڻ
27/10/2024

سنڌ جي اچڻ واري نئين مستقبل سان گڏ حسنين ٻپڙ ڪبير ميمڻ

اگر توھان اڃان تائين ڪنھن اھڙي ماڻھو جي ڳولھا ڪري رھيا آھيو جيڪو اوھان جي زندگي بدلائي ڇڏي ، ته پوء اوھان آئيني تي ھڪ نظ...
27/10/2024

اگر توھان اڃان تائين ڪنھن اھڙي ماڻھو جي ڳولھا ڪري رھيا آھيو جيڪو اوھان جي زندگي بدلائي ڇڏي ، ته پوء اوھان آئيني تي ھڪ نظر وجھو ...

ڪتاب بامقصد ۽ ڪامياب زندگيء جو عملي ڏانءعالمي ڏاھن جا ڏسيل زندگي گھارڻ جيفن ۽ فڪر بابت 366 طريقا چونڊ  #نظيرميمڻ توھان ج...
26/10/2024

ڪتاب
بامقصد ۽ ڪامياب زندگيء جو عملي ڏانء
عالمي ڏاھن جا ڏسيل زندگي گھارڻ جي
فن ۽ فڪر بابت 366 طريقا
چونڊ
#نظيرميمڻ

توھان جو ذھن اھائي شڪل اختيار ڪندو جنھن قسم جي سوچ توھان جي ذھن ۾ مسلسل موجود ھوندي ،
انسان جو روح ان قسم جي لاڙن جي رنگ ۾ رنگجي وڃي ٿو ،،

مارڪس اوريليئس

#نظيرميمڻ #بوڪ #پوسٽ #مظفربخاري

24/10/2024

اڄ ھڪڙو نئون ماڻھو ڪراچي ۾ لڳندڙ بازار ۾ ڏٺو جيڪو ڪلھ ڪراچي آيو ۽ اڄ پنھنجو ڪاروبار اسٽارٽ ڪري ڏنائين ...

#نظيرميمڻ # سنڌي #ولوگر #سبزي #فروش #گلشن #حديد #ڪراچي #ملير #پنھنجوروزگار #پنھنجوڪاروبار

ڪراچي جي بازان ۾ ڪاروبار ڪرڻ سان تمام گھڻا فائدا آھن ..وڻ وڻ جي ڪاٺي پاڪستان جي چئني صوبن جا ماڻھو ڪراچي ۾ لڳندڙ بازارن ...
24/10/2024

ڪراچي جي بازان ۾ ڪاروبار ڪرڻ سان تمام گھڻا فائدا آھن ..

وڻ وڻ جي ڪاٺي پاڪستان جي چئني صوبن جا ماڻھو ڪراچي ۾ لڳندڙ بازارن ۾ اوھان کي ملندا ،
ھر روز ھڪ ھنڌ گڏ ٿين صبح کان شام تائين ساڳي جڳھ تي ڪم ڪرن سان اسان جي پاڻ ۾ دوستي ڀائپي ٿي ويندي آھي ، ماني گڏ کائڻ اُٿن ويھڻ گھمڻ فرڻ ، ۽ وري ھڪ ٻي جي خوشين ۽ غمين ۾ وڃڻ سان تعلق رشتا مضبوط ٿي ويندا آھن ، سڀ کان وڏو فائدو ھي به آھي ته ،
بازار جي اندر ھر ماڻھو جو الڳ الڳ ڪاروبار ھوندو آھي ، انھن جي ڪاروبارن جي ريٽ جي اوھان کي خبر ھوندي آھي ، ته ھن شئي جي ھولسيل مارڪيٽ ڪٿي آھي ۽ ڪيتري جي آھي ، چاھي اھو ڪپڙو ھجي ، چپل ھجي ، ٿاون ھجن ، سبزي ھجي فروٽ ھجي يا ٻيو ڪجھ ، ھر ڪاروبار جي باري ۾ اوھان کي خبر ھوندي آھي ،اھي سڀ شيون اوھان پنھنجي گھر جي لاء ھولسيل تي پنھنجي ان دوست کان وٺي سگھو ٿا ، ان کان علاوه اوھان وٽ جيڪي ڪسٽومر ٿا اچن اُھي به وڻ وڻ جون ڪاٺيون آھن ، اوھان جا تعلق پنھنجي ڪسٽومر سان سٺا ھوندا ته ان سان به اوھان کي وڏو فائدو آھي ،
وار ڏاڙھي ٺاھيندڙ ھجم ھجي وڪيل ڊاڪٽر پرليس نادرا وارو ھجي يا ڪافي اھڙا سرڪاري ملازم جيڪي الله نه ڪري ڪا اھڙي مشڪل اچي وڃين اوھان جي مٿان ته اھي اوھان جي مشڪل وقت ۾ ڪم اچي سگھن ٿا ،
مون بازارن مان گھڻو ڪجھ سکيو آھي ، ۽ جيڪو سکيو آھي يا اڳتي اڃان سکڻ جي لاء ملندو اھو ھتي ضرور شيئر ڪندس انھن نوجوانن جي لاء جيڪي بيروزگار آھن ، جيڪي پريشان آھن ، جن وٽ رستو ناھي ، جيڪي سالن کان مايوس روزگار جي ڳولھا جي لاء ويٺا آھن ، انھن نوجوانن صرف ايترو چوندس ته ھڪ ڀيرو پنھنجا اڇا ڪپڙا ميرا ته ڪري ڏسو ھيٺ زمين تي ويھي ته ڏسو سبزي فروٽ جو آواز لڳائي ته ڏسو ، اوھان جا حالات بھتر کان بھترين نه ٿي وڃن ته پوء چئجو ، اوھان کي پاتل انھن ميرن ڪپڙن جي جيب ۾ پئسا نه اچن ته پوء چئجو ، اوھان جي رھڻي ڪھڻي اُٿڻي ويھڻي لاجواب نه ٿي پوي ته پوء چئجو ،
ھن وقت اوھان کي جيڪي اڇا ڪپڙا پاتل آھن اُھي صرف ڏيکاءَ جي لاء پاتل آھن ، اُھي اڇا ڪپڙن جي جيب پئسن کان خالي آھي ، ۽ جن وٽ پئسا آھن به ته اُھي پنھنجي بابي اما جا ، رات جو 2 وڳي سمھڻ ۽ صبح جو ھڪ 2 وڳي اُٿڻ وارا نوجوان پنھنجي جواني وڃائي رھيا آھن ، خبر ئي نه پوندي اوھان جي جوانپ ڪراڙپ ۾ تبديل ٿي ويندي اوھان کي خبر ئي نه پوندي ، پنھنجي جواني مان فائدا وٺو ، پنھنجي جواني مان ڪم وٺو اُٿو ڪجھ ڪري ڏيکاريو پنھنجي مائٽن ، کي دوستن کي ۽ پنھنجي ڳوٺ وارن کي ، نڪرو ڳوٺن مان اچو ڪراچي ڪمائڻ جي لاء ڪراچي اسان سڀني جي آھي ، محنتي ماڻهو جي آھي ،
ڪراچي ڪنھن به منحتي ماڻھو کي بُک نه ماريندي ، بلڪي سھارو ڏيندي اڳتي وڌائيندي ، ..........

#نظيرميمڻ #سبزي #فروش #گلشن #حديد #ڪراچي #ملير

ڪراچي مين نيشنل ھائي وي سان لڳ گلشن حديد جي سامھون گلشن فلڪ ناز ۾ 400 ، 200 ۽ 120 جا ڪمرشل پلاٽ وڪري جي لاء موجود آھن ، ...
22/10/2024

ڪراچي مين نيشنل ھائي وي سان لڳ گلشن حديد جي سامھون گلشن فلڪ ناز ۾ 400 ، 200 ۽ 120 جا ڪمرشل پلاٽ وڪري جي لاء موجود آھن ،
ھر ماڻھو جي خواھش ھوندي آھي ته منھنجو گھر منھنجو پلاٽ اھڙي جاء تي ھجي جتي ڪو ڦڏو فساد نه ھجي ۽ جتي منھنجي فيملي کي ڪائي تڪليف نه اچي ، ماحول سٺو ھجي ، ماڻھو سٺا ھجن ، ھي پلاٽ انھن ئي ماڻھن جي لاء آھن جيڪي اھڙو ماحول چاھن ٿا ،
انشالله اوھان ھڪ ڀيرو چڪر لڳايو ڏسو وائسو ۽ پاڻ فيصلو ڪيو جيڪي شئي ھوندي اوھان کي اھا ئي ٻڌائبي ، اوھان جو ڀروسو ئي اسانجي طاقت آھي ،
ڪراچي ۾ پنھنجو پلاٽ وٺڻ جا خواهشمند دوست فون وسيلي وڌيڪ تفسيل رابطو ڪري سگھن ٿا ....

0313.2771980
0308.2002050

ڪتاب تاريخ تراشيندڙ چونڊ  #نظيرميمڻ دنيا ۾ جيترا ماڻھو مُئا آھن ، سڀ کان وڌيڪ ماڻھو مقدس انسانن جي نالي ۾ مئا آھن ، مقدس...
22/10/2024

ڪتاب
تاريخ تراشيندڙ
چونڊ
#نظيرميمڻ

دنيا ۾ جيترا ماڻھو مُئا آھن ، سڀ کان وڌيڪ ماڻھو مقدس انسانن جي نالي ۾ مئا آھن ، مقدس ڪتابن جي تشريحن تان پاڻ ۾ وڙھيا آھن ، يورپ جون خوفناڪ لڙايون پندرھينء صديء ۾ انھيءَ تي ٿيون تہ انجيل جي ھن اکر جي معنيٰ ھيء آھي ، يا ھوء آھي ، مسلمانن ۾ جيڪا وڏي خانه جنگي ڇھينء صدي جي آخر ۽ ستينء صديء ۾ ٿي ان جو بہ سبب اھو ھو ته قرآن شريف جي فلاڻي آيت جو مطلب ھيء آھي يا ھن اکر جو مطلب ھيء آھي ، دنيا ۾ جيڪي وڌيڪ ماڻھو ماريا ويا آھن ، سي مذھبن جي تشريح جي مسئلي تي ماريا ويا آھن ،
#نظيرميمڻ #بوڪ #پوسٽ #تاريخ #تراشيندڙ

21/10/2024

ديسي کاڌن جو مزو ئي پنھنجو ھوندو آھي ، ۽ ھر ماڻھو پنھنجي پسند جا کاڌا پچرائي مزو وٺندا آھن منھنجي طبيعت به ڪجھ ايئن ئي آھي مان ديسي ڀاڄي پچارائي وٽي ماني کان بغير کائيندو آھيان

20/10/2024

مرد پنھنجي گھرواريءَ سان ٻاھريون ڳالھيون ۽ تڪليفون شيئر ڪرڻ گھرن .... عزيز لانگاھ

Address


Alerts

Be the first to know and let us send you an email when Nazir Memon. posts news and promotions. Your email address will not be used for any other purpose, and you can unsubscribe at any time.

Contact The Business

Send a message to Nazir Memon.:

Videos

Shortcuts

  • Address
  • Alerts
  • Contact The Business
  • Videos
  • Claim ownership or report listing
  • Want your business to be the top-listed Pet Store/pet Service?

Share